اليگزينڊر گراھم بيل

اليگزينڊر گراھم بيل
(انگريزي ۾: Alexander Graham Bell) 
 

معلومات شخصيت
ڄم 3 مارچ 1847  
ايڊنبرا  
موت 2 آگسٽ 1922 (75 سال) 
وجه موت ڊيابطس  
شھريت آمريڪا (1882–1922)
عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت (1847–1882) 
قد
وزن
عملي زندگي
پيشو پروفيسر  
مادري ٻولي انگريزي ٻولي  
ڪم جي ٻولي ايَ ايس ايل ،انگريزي ٻولي  
دستخط
 
ويب سائٽ
IMDB تي صفحو 

سائنسدان ۽ ٽيليفون جو مؤجد اليگزينڊر گراهم بيل اسڪاٽلئنڊ جي شهر ”ايڊنبرا“ ۾ 3 مارچ 1847ع تي ڄائو. 1858ع ۾ ”ايڊنبرا“ جي رايل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، جتان تعليم حاصل ڪرڻ بعد، 1863ع ۾، ويسٽن هائوس اسڪول ۾ استاد ٿيو. بعد ۾ 1866ع ۾ ”سومرسٽ شاير“ ڪاليج ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کانسواءِ لنڊن ۾ ٻوڙن جي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. ان دوران لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي تعليم کي پڻ جاري رکيائين. 1870ع ۾ والدين سان گڏ ڪئناڊا ويو ۽ 24 سالن جي عمر ۾ 1873ع ۾ بوسٽن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، جتي ميبل هبارڊ (Mabel Hubbard) سان سندس پهرين ملاقات ٿي. ان دؤران هو ”هارمونڪ ٽيليفون“ جا تجربا ڪندو رهيو ۽ نيٺ 1875ع ۾، ٽيليفون ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. 10 مارچ 1876ع تي هن دنيا جو پهريون ٽيليفون پيغام موڪليو ۽ ساڳئي ئي سال 25 جون تي فلاڊيلفيا (Philadelphia) ۾ ٽيليفون جي نمائش جو اعلان ڪيائين. 9 جولاءِ 1877ع تي ”بيل ٽيليفون ڪمپنيءَ“ جو بنياد وڌو ويو. اليگزينڊر 11 جولاءِ 1877ع تي ”ميبل هبارڊ“ (Mabel Hubbard) سان شادي ڪئي. 1879ع ۾ ”بيل ٽيليفون ڪمپنيءَ“ مان استعيفيٰ ڏئي، اسڪاٽلئنڊ جي ”گريناڪ“ شهر ۾ ٻوڙن ٻارڙن لاءِ اسڪول قائم ڪيائين. ان کان پوءِ هن 1883ع ۾ واشنگٽن ۾ ٻوڙن جي لاءِ هڪ الڳ اسڪول کوليو. هن 1886ع ۾ ”باديڪ بي“ شهر ۾ ذاتي جڳھ خريد ڪري، هڪ لئبارٽري قائم ڪئي. آمريڪا ۾ ٻوڙن کي ڳالهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ هڪ تنظيم جو بنياد پڻ وڌائين، جنهن جو پهريون صدر پاڻ ٿيو. ان کان سواءِ ”نئشنل جاگرافڪ سوسائٽيءَ“ ۾ ”سمٿ سونين“ اداري جو صدر پڻ ٿيو. ٽيليفون ذريعي، دنيا کي ”گلوبل نيٽ“ (Globel net) بڻائيندڙ هن عظيم سائنسدان، 75 سالن جي عمر ۾ 2 آگسٽ 1922ع ۾ وفات ڪئي.

حوالا

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 https://www.biography.com/people/alexander-graham-bell-9205497 — اخذ شدہ بتاریخ: 19 جُولاءِ 2018
  2. اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  3. 3.0 3.1 https://data.bnf.fr/ark:/12148/cb13746617f — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  4. SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6wm1fs5 — subject named as: Alexander Graham Bell — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  5. Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/2125 — subject named as: Alexander Graham Bell — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  6. subject named as: Alexander Graham Bell — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Bell, Alexander Graham (03 March 1847–02 August 1922), inventor and educator — شائع شدہ از: American National Biography Online — https://dx.doi.org/10.1093/ANB/9780198606697.ARTICLE.1300115
  7. Dictionary of Canadian Biography ID: http://www.biographi.ca/en/bio/bell_alexander_graham_15E.html — subject named as: ALEXANDER GRAHAM BELL — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مصنف: University of Toronto ۽ Laval University — مدیر: George Williams Brown ، David Mackness Hayne ، Francess Halpenny ، George Ramsay Cook ، John English ، Marcel Trudel ، André Vachon ۽ Jean Hamelin — عنوان : Dictionary of Canadian Biography — ناشر: University of Toronto Press ۽ Presses de l'Université Laval
  8. 8.0 8.1 Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/bell-alexander-graham — subject named as: Alexander Graham Bell
  9. AKL Online artist ID: https://www.degruyter.com/document/database/AKL/entry/_30021316/html — subject named as: Alexander Graham Bell — مدیر: Andreas Beyer ۽ Bénédicte Savoy — عنوان : Artists of the World Online — ناشر: K. G. Saur Verlag ۽ De Gruyter — https://dx.doi.org/10.1515/AKL
  10. 10.0 10.1 Gran Enciclopèdia Catalana ID (former scheme): https://www.enciclopedia.cat/ec-gec-0008759.xml — subject named as: Alexander Graham Bell — عنوان : Gran Enciclopèdia Catalana — ناشر: Grup Enciclopèdia
  11. 11.0 11.1 GeneaStar person ID: https://www.geneastar.org/genealogie/?refcelebrite=bella — subject named as: Alexander Graham Bell
  12. 12.0 12.1 Roglo person ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=7929&url_prefix=https://roglo.eu/roglo?&id=p=alexander+graham;n=bell — subject named as: Alexander Graham Bell
  13. 13.0 13.1 Proleksis enciklopedija ID: https://proleksis.lzmk.hr/11685 — subject named as: Alexander Graham Bell — عنوان : Proleksis enciklopedija
  14. IMDb ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=345&url_prefix=https://www.imdb.com/&id=nm1745080 — اخذ شدہ بتاریخ: 15 آڪٽوبر 2015
  15. http://www.science.ca/scientists/scientistprofile.php?pID=120
  16. مصنف: Oliver Sacks — صفحہ: 27 — ISBN 978-0-520-06083-8 — اقتباس: a fluent signer on his fingers - as good as any deaf-mute
  17. https://data.bnf.fr/ark:/12148/cb13746617f — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  18. اليگزينڊر گراھم بيل انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، پاران سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.