انفراديت (Individuality) ڪنھن تخليق جي عظمت جو اھڃاڻ ٿئي ٿي. ان ئي عنصر جي ڪسوٽيءَ ذريعي ڪنھن بہ تخليقي شھپاري جي فني ۽ فڪري پھلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهجي ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي تہ انفراديت ڪنھن تخليق (Creation) جي سڃاڻپ، علحدي خاصيت ۽ اهڃاڻ آهي. جديد شاعرن پنھنجي ذاتي محسوسات، مشاھدن، احساسن ۽ تجربن کي ھڪ انوکي انداز ۾ بيان ڪيو اھي. تشبيھن، استعارن، اصطلاحن ۽ محاورن جو اظھار بہ نرالي ۽ پيرائتي انداز ۾ ڪيو آھي. جيئن شيخ اياز چيو آھي تہ: