تلنگانا | |
---|---|
رياست | |
تلنگانا جي تصوير نگاري، کاٻي پاسي مٿان کان: چار مينار، وارينگل قلعو، , حيدرآباد شھر، نظام آباد ريلوي اسٽيشن، فلڪنما محل، ڪنتالا وارا آبشار | |
ترانو: "جيا جيا ھي تيلنگانا جاناني جياڪيٿانم" | |
انڊيا ۾ تيلنگانا جو مقام | |
جاگرافي بيهڪ (تيلنگانا): 17°21′58″N 78°28′30″E / 17.366°N 78.475°Eمڪانيت: 17°21′58″N 78°28′30″E / 17.366°N 78.475°E | |
ملڪ | ڀارت |
قيام | 2 جون 2014 |
گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شھر | حيدرآباد † |
ضلعا | 33 |
حڪومت | |
• مجلس | تلنگانا جي حڪومت |
• گورنر | اي.ايس.ايل.نرسيمھان |
• وزيراعلي | ڪي. چندرشيڪر رائو (ٽي آر ايس ) |
• ليجسليٽو اسيمبلي | ٻہ ايواني (119 + 43 سيٽون) |
• پارليامينٽ ۾ نمائندگي | راجيا سڀا ۾ 7 سيٽون ۽ لوڪ سڀا ۾ 17 سيٽون |
• ھاء ڪورٽ | تلنگانا ھاء ڪورٽ |
پکيڙ | |
• ڪل | 112,077 ڪ.م2 (43,273 ميل2) |
پکيڙ ۾ درجو | پکيڙ ۾ انڊيا جي ٻارھين وڏي رياست |
آبادي (2011) | |
• ڪل | 35,193,978 |
^† عارضي طور تي ڏھ سالن لاء آنڌرا پرديش جو پڻ گادي جو هنڌ †† تلنگانا ۽ آنڌرا پرديش ٻنھي جو ساڳيو | |
Symbols of تيلنگانا | |
نشان | ڪاڪاٽيا ڪالا ٿورانم , چارمينار |
گانو | جيا جيا ھي تيلنگانا جاناني جياڪيٿانم. |
جانور | چٽڪمرو ھرڻ |
پکي | انڊين چانھ پکي |
گل | Senna auriculata |
ميوو | انب جو وڻ |
وڻ | Prosopis cineraria |
ندي | گوڊاواري ندي، مانجرا ندي، موسي ندي |
راند | ڪبڊي |
'تيلنگانا يا تلنگانا{{ٻيا نالا|انگريزي= Telangana'} (i/tɛlənˈɡɑːnə/) انڊيا جي ڏاکڻي حصي جي وچ تي دکن واري مٿاھين ميداني علائقي ۾ واقع ھڪ رياست جيڪا انڊيا جي پکيڙ ۽ آبادي ۾ ٻارھين وڏي رياست آھي.
ھن رياست جي پکيڙ 112٬077 km2 (43٬273 sq mi)
آھي ۽ 2011 جي مردم شماري مطابق آبادي 35,193,978 اٿس.
تاريخ 2 جون 2014 ۾ آنڌرا پرديش رياست جي اتر اولھ حصي کي ڌار ڪري ھي انڊيا جي 29 ھين رياست طور قائم ڪئي وئي ۽ حيدرآبادکي ان جو مستقل گادي جو هنڌ بڻايو ويو. ھن رياست جا ٻيا وڏا شھر وارانگل، نظام آباد، کمام۽ ڪريم نگر شامل آهن. ھن رياست جون حدون اتر م مھاراشٽر، اوڀر ۾ ڇتيس ڳڙھ، اولھ ۾ ڪرناٽڪا، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ آنڌرا پرديش
سان ملن ٿيون. ھن رياست جي زمين پھاڙن، جابلو قطارن ۽ ٻيلن تي پڻ مشتمل
آھي.2019 جي انگ اکرن مطابق رياست جي پکيڙ ۾ 27,292 چورس ڪلوميٽر زمين ٻيلن تي مشتمل آهي. رياست انتظامي طور تي 33 ضلعن ۾ ورھايل آھي.
تيلنگانا يا تلنگانا نالي جي معني آهي ٽن لنگن وارو ديس. اھو نالو ان ڪري پيس جو اتي ٽي شواتي يا شو ڀڳوان واريون زيارتون واقع آهي جن ۾ ڪاليشورام، سري سائلام ۽ دراڪشاراما شامل آهن. آنڌرا پرديش جي اورينٽل مينيواسڪرپٽس لائبريري اينڊ ريسرچ سينٽر جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جيانڌير ٿرومالا رائو مطابق تلنگانا لفظ گونڊي ٻولي جي لفظ تيلنگاڌ مان نڪتل آهي جنھن جي معني ڏکڻ آھي.
ھن علائقي جي تاريخ مطابق ھتي چولاس گھراڻي، موريا گھراڻي، ستاواھانا گھراڻي، چالوڪيا گھراڻي، ڪاڪاٽيا گھراڻي، دھلي سلطنت، بھامني سلطنت، گولڪنڊا جي قطب شاھي گھراڻي جي حاڪميت رھي. سورھين کان سترھين صدي عيسويءَ ۾ مغلن جي حاڪميت ۾ رھيو. ارڙھين صدي م ھتي حيدرآباد جي نظامن جي حاڪميت رھي.1823 ۾ نظامن کان آنڌرا واري ساحلي پٽي جو قبضو ايسٽ انڊيا ڪمپني کسي وئي ۽ رايالسيما ضلعو بہ کين ڪمپني سرڪار جي حوالي ڪرڻو پيو . حيدرآباد جي رياست 1948 م پولو آپريشن نالي فوجي ڪاروائي جي نتيجي ۾ انڊيا ۾ شامل ٿي ھئي ۽ 1956 ۾ ھنان رياست کي اسٽيٽس ري آرگنائيزيشن ايڪٽ تحت ٽوڙيو ويو ۽ تيلگو ٻولي جي بنياد تي تيلنگانا وارو حصو آنڌرا پرديش رياست ۾ شامل ڪيو ويو جيڪا خود برٽش دور م مدراس جو حصو ھئي. ان انضمام بعد ھن علائقي جي ھارين تلنگانا جي آنڌرا پرديش کان ڌار ڪرڻ جي تحريڪ 1950 واري ڏھاڪي م ئي شروع ٿي وئي جيڪا لاڳيتو ھن نئين رياست جي قيام تائين جاري رھي. اھڙي طرح 2 جون 2014 تي ھي نئين رياست وجود ۾ آئي.
تلنگانا جي معيشت انڊيا جي رياستن جي جي ڊي پي جي لحاظ کان انڊيا جي اٺين وڏي معيشت آھي ان جي ٽوٽل جي ڊي پي 8.66 لک ڪروڙ ({{INRConvert/اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "[".|8.66|12||USD|year={{{year}}}}}) پائونڊ آھي. ۽ في ڪس 206,000 ({{INRConvert/اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "[".|206|3||USD|year={{{year}}}}}) پائونڊ آھي. انساني ترقي جي اشاريي جي لحاظ کان انڊيا جي رياستن ۾ ھي رياست سورھين نمبر تي آهي. ھي رياست دفاع جي صنعت ۽ سائنسي تحقيق جو پڻ مرڪز آھي. ھتي ڀارت ڊائنامڪس لميٽيڊ، ڊفينس ميٽلرجيڪل ريسرچ ليبارٽري، ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ليبارٽري پڻ واقع آھن
رياست 33 ضلعن ۾ ورھايل آھي.,جيڪي ضلعا وري 68 روينيو ڊويزنن ۾ ۽ اھي وري 584 منڊلن ۾ ورھايل آھن. ضلعن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا: