جئانگسو صوبو

جئانگسو صوبو
Jiangsu
چيني صوبو
مٿان کان هيٺ، کاٻي کان ساڄي: نانجنگ ۾ زيفينگ ٽاور, سُوجَو ۾ جوجئانگ, ٽائيگر ھل پگوڊا, شوجو وارو ٽي وي ٽاور, سن يات سين جو مقبرو
Map showing the location of Jiangsu Province
نقشي ۾ جئانگسو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 32°54′N 119°48′E / 32.9°N 119.8°E / 32.9; 119.8مڪانيت: 32°54′N 119°48′E / 32.9°N 119.8°E / 32.9; 119.8
ملڪ عوامي جمهوريه چين
نالو پيو جئانگ – جئانگجنگ (ھاڻي: نانجنگ)
سوسوجو
گادي جو هنڌ نانجنگ
وڏي ۾ وڏو شھر سوجو
انتظامي ورهاست 13 پريفيڪچر، 106 ڪائونٽيون، 1488 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس صوبائي پيپلز ڪانگريس
 • چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري لو چنجيان
 • صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين لُو چِنجِيان
 • گورنر وو جينگلانگ
 • پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين ھوئانگ لشين
پکيڙ
 • ڪل 102,600 ڪ.م2 (39,600 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 25ھون وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (يونتائي جبل) 625 ميل (2,051 ft)
آبادي (2018)
 • ڪل 80,400,000
 •  ڪاٿو

  2019

80,700,000
جئانگسو
"جئانگسو" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون)
آسان چیني 江苏
روایتي چیني 江蘇
لغوي معنیٰ "جئانگ(ننگ) ۽ سو(جو)"


جئانگسو(انگريزي: Jiangsu )About this sound 江苏 (پھرين رومن ۾ ان لاء لفظ ڪيئانگسو (انگريزي: Kiangsu) استعمال ٿيو بعد ۾ رومن ۾ جئانگسو ٿيو) عوامي جمهوريه چين جي ھڪ اوڀر واري ساحلي صوبي جو نالو آهي. اھو چين جي ماليات، تعليم، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ھر اول صوبو آهي. ان جي گادي جو هنڌ نانجنگ آھي پر ھن صوبي جو وڏي ۾ وڏو شھر سوجو آھي. جئانگسو پکيڙ ۾ چين جو ٽيون نمبر ننڍي ۾ ننڍو صوبو پر آبادي ۾ پنجون وڏو صوبو آھي ۽ سڀ کان وڏو گھاٽي آبادي وارو صوبو آهي. ھي صوبو گوئينگڊانگ کان پوءِ جي ڊي پي ۾ چين جو ٻيون نمبر وڏو صوبو آھي. جئانگسو جي اتر ۾ شئنڊانگ، اولھ ۾اينھئي، ڏکڻ ۾ ججيئانگ ۽ شنگھائي ميونسپلٽي واقع آهن. ھن صوبي جي ساحلي پٽي جي ڊيگھ 1٬000 ڪلوميٽر (620 mi) آھي. يانگزي ندي ۽ پيلي ندي ھن صوبي جي ڏاکڻي حصي مان گذرن ٿا. ھي علائقو سوئي گھراڻي ۽ تانگ گھراڻي جي دؤر کان چين جو معاشي ۽ واپاري مرڪز رھيو آھي ان جو ھڪ سبب گرينڊ ڪينال، چين جي تعمير پڻ آهي. ھن صوبي جا شھر نانجنگ، سوجو،ووشي،چنگجو ۽ شنگھائي (جيڪو 1927ع ۾ جئانگسو کان الڳ ڪيو ويو) سڀ معاشي مرڪز ھيا. 1990ع ۾ معاشي سڌارن شروع ٿيڻ کان وٺي جئانگسو معاشي ترقيءَ جو مرڪزي مقام بڻجي ويو. ان جو شمار چين جي سڀ کان وڌيڪَ ترقي يافته صوبن منجھ ٿي ويو. جئانگسو دنيا ۾ اليڪٽرانڪ سامان، ڪيميڪل ۽ ٽيڪسٽائل جي چوٽي وارن برآمد ڪندڙن جو ديس آهي. 2006 کان پوءِ چين ۾ پرڏيهي سيڙپ سڀ کان گھڻي ھن صوبي ۾ ٿي آھي. 2018ع ۾ ھن صوبي جي ناليوار جي ڊي پي 1.39 ٽرلين آمريڪي ڊالر ھئي.

حوالا

  1. "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census (No. 2)". National Bureau of Statistics of China. وقت 27 July 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 August 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. (ٻولي ۾ Chinese). Jiangsu Bureau of Statistics https://web.archive.org/web/20190126164441/http://www.jiangsu.gov.cn/art/2018/2/26/art_34153_7495309.html. وقت 2019-01-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2019-01-26.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  3. 3.0 3.1 "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2020-04-17. 
  4. 赵婷婷. "Top 10 regions with highest GDP in China- Chinadaily.com.cn". ChinaDaily.com.cn. وقت 28 October 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 January 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "China provinces 'to be bigger than Russia'". FT.com. وقت 6 April 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 January 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)