جي اين يو آزاد دستاويز اجازت نامو

جي ايف ڊي ايل جو لوگو

گنو آزاد دستاويز اجازتنامو (انگريزي: GNU Free Documentation License) (مختصر GNU FDL يا رڳو جي ايف ڊي ايل، GFDL) آزاد دستاويزن جو هڪ ڪاپي ليفٽ اجازت نامو آهي، جنهنکي آزاد سافٽ ويئر فائونڊيشن (اوپن سورس) گنو منصوبو لاءِ تيار ڪيو آهي. هي اجازت نامو گنو عام عوامي اجازت نامو وانگر آهي، جيڪو پڙهندڙ وٽان نقل ۽ ڇپائي ۽ ترميم جي اجازت سميت سمورا نقل ۽ اشتقاق کي برابر اجازت نامو جي تحت جاري ڪرڻ جي گُهرَ ڪري ٿو. انهن نقلن کي وڪرو پڻ ڪري سگهجي ٿو، تنهن هوندي بہ جيڪڏهن وڏي تعداد ۾ (100 کان وڌيڪ) نقلَ (ڪاپيون) تيار ڪري وِڪرو ڪيون وينديون هجن تہ اصل دستاويز يا سورس ڪوڊ خريدارن کي ڏيڻ لازمي آهي.