حج جي لغوي معنيٰ ارادو ڪرڻ آهي، يعني ارادو ڪري ڪنهن هنڌ وڃڻ. شرعي اصطلاح ۾ مڪي شريف وڃي ڪعبة الله شريف. مِني , عرفات، مزدلفه ۽ جمرات وغيره جو ارادو ڪري طواف ۽ ٻيا حج جا مناسڪ ادا ڪرڻ ۽ مقرر اعمال ۽ آداب بجا آڻڻ کي حج چئجي ٿو.
حج جون لغت ۾ هيٺيون معنائون آهن:
ارادو ڪرڻ،
قصد ڪرڻ،
حجت اٿارڻ،
دليل بازي ڪرڻ،
جهڳڙو ڪرڻ،
بحث مباحثو ڪرڻ.
حج ۽ اسلام
حج، اسلام جي پنجن بنيادي رُڪنن منجهان آخري رُڪن آهي. قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: ”ماڻهن تي الله تعاليٰ جو هي حق آهي ته جيڪو اُن جي گهر تائين پهچڻ جي قوت رکندو هجي ته ان جو حج ڪري. (سورة: 3. آيت: 97) الله تعاليٰ، ڪعبة الله شريف کي حج لاءِ گڏ ٿيڻ جو مرڪز قرار ڏنو. هي خدا تعاليٰ جو پهريون گهر آهي، جيڪو انسانن (مسلمانن) لاءِ قبلو مقرر ڪيو ويو. قرآن جي حوالي سان اُن جي جاءِ مڪو شريف آهي. الله تعاليٰ جو فرمان آهي: ”ياد ڪريو اهو وقت (اي محبوب)! جڏهن اسان (حضرت) ابراهيم (عليھ السلام) لاءِ گهر (ڪعبي) جي جاءِ تجويز ڪئي... ۽ ماڻهن کي حج جي لاءِ عام اجازت ڏيئي ڇڏيو جو اهي اوهان هر پري کان پري هنڌان پيادا۽ اُٺن تي سوار ٿي اچن. (سورة: 22، آيت: 27)
حج جي حقيقت
حج جي حقيقت اها آهي ته جتي خدا تعاليٰ جي رحمتن ۽ برڪتن جو بي انتها نزول ٿئي ٿو. ان هنڌ تي ٻانهن جي خاص حاضري ٿئي. جيئن حضرت ابراهيم عليھ السلام، الله تعاليٰ جي حڪم جي تعميل ڪندي لبيڪ چئي اتي حاضر ٿيو ۽ سندس حڪم موجب عمل ڪندي پنهنجي پياري پُٽ، حضرت اسماعيل عليھ السلام جي قرباني ڏني. قيامت تائين مسلمانن جي هت اچي وڏي ادب، احترام ۽ نياز نوڙت سان حاضري ڏيڻ جو مقصد، ان عظيم الشان قربانيءَ جي روح کي زندهه ڪرڻ آهي. پڻ جيڪي عمل پاڻ قربانيءَ دوران ڪيائون سي سڀ اسان کي حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن، الله تعاليٰ جي حڪم سان عملي طور ڪري ڏيکاريا ۽ انهن کي قيامت تائين جي مسلمانن لاءِ سُنتِ ابراهيمي طور نافذ ڪري ڇڏيو. جيئن ٻانهو انهن تي وڏي پيار، پاٻوهه ۽ نياز نوڙت سان عمل ڪري الله تعاليٰ جي رضا حاصل ڪري دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي ماڻي سگهي. حج جي حقيقت ۽ فلسفي، مسائل ۽ احڪام متعلق بيانن سان ڪتاب ڀريا پيا آهن. هت فقط حج جي بنيادي ڳالهين جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
حج جا فراض
(1) احرام ٻڌڻ
(2) وقوفِ عرفات يعني 9 ذوالحج تي زوال کانپوءِ ڪا به گهڙي عرفات ۾ گذارڻ
نائين ذوالحج تي فجر جي نماز منيٰ ۾ ادا ڪري سج جي روشني ٿيڻ کان پوءِ ميدان عرفات ڏانهن روانو ٿجي، رستي ۾ تلبيه، ذڪر اذڪار استغفار درود شريف ۽ دعائون پڙهجن. ميدان عرفات پهچڻ وقت الله تعاليٰ جي حمد بجا آڻجي ۽ وقوف عرفه جا احڪام بجا آڻجن ۽ اتي ظهر ۽ عصر جون نمازون ملائي عصر جي نماز وقت امام جي پٺيان پڙهجن. جيڪي زوال کان پوءِ مسجد نمره ۾ امام صاحب خطبي ڏيڻ کان پوءِ پڙهائيندو آهي. جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ پهچي نه سگهي ته اهو پنهنجي خيمي ۾ به پڙهي سگهي ٿو.
سج لهڻ سان ميدان عرفات مان مزدلف ڏانهن روانو ٿجي. مزدلفه پهچڻ کان پوءِ مغرب۽ عشاءَ جون ٻئي نمازون هڪ آذان ۽ هڪ تڪبير سان عشاء جي وقت ادا ڪجن ۽ سڄي رات عبادت ۽ استغفار ۾ گذارجي. صبح جي نماز اول وقت ۾ ادا ڪري ڪجهہ دير ترسي سج اڀرڻ کان ٿورو اڳ ۾ منيٰ ڏانهن روانو ٿجي. مزدلفه کان روانو ٿيڻ کان اڳ ۾ شيطان کي هڻڻ لاءِ ست ننڍيون پٿريون اتان ئي کڻجن.
اهو 10 ذوالحج جو ڏينهن هوندو. (جنهن ڏينهن ٻين ملڪن ۾ مسلمان عيد نماز ادا ڪن ٿا. مڪي ۾ موجود حج ادا ڪندڙ کي ٻين احڪامن ادا ڪرڻ سبب عيد نماز ادا ڪرڻ جي معافي مليل هوندي آهي) ان ڏينهن منيٰ ۾ پهچي ٿورو ٿڪ ڀڃي، جمره عقبھ (وڏي شيطان) کي پٿريون هڻجن ۽ پوءِ قربان گاهه تي وڃي قرباني ڪجي ۽ پوءِ مٿو ڪوڙائجي. ان موقعي تي عورتون چوٽين مان فقط آڱر برابر وار ڪترائينديون. ان کان پوءِ احرام کوليو ويندو ۽ عام لباس پاتو ويندو. ان کان پوءِ طواف زيارت ڪبو ۽ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڪبي. سعي کان پوءِ حج جا فرضي احڪام پورا ٿي ويندا.
11 ذوالحج تي هڪ دفعو وري جمرن کي پٿريون هڻبيون. (برڪات الحرمين). حج جي ادائگي کان پوءِ مديني شريف وڃي حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي روضي اطهر ۾ حرم نبيءَ جي زيارت کان شرف ياب ٿيڻو پوندو آهي ۽ اتي گهٽ ۾ گهٽ چاليهه فرض نمازون پڙهڻيون پونديون آهن.
احصار
احصار جي لغوي معنيَ آهي روڪڻ يا جھلڻ. اصطلاح ۾ ان مان مراد آھي تہ ڪو ماڻھو حج يا عمري جي نيت ڪري ۽ پوء کيس حج يا عمري ڪرڻ کان روڪيو وڃي. اھڙي ماڻھوءَ کي اصطلاح ۾ محصر پڻ چوندا آهن.
حوالا
↑اسلامي-لا، قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ مولانا فضل احمد غزنوي؛ رسالو:مھراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع