قومي پارڪ

منگوليا ۾ بوگدخان اول قومی پارڪ قديم ترين محفوظ علائقن مان هڪ آهي جيڪو هاڻي قومي پارڪ سڏجي ٿو.
گران پیرادیسو قومي پارڪ پیدیمونت، اٽلي ۾ الپائن مارخور جون تصويرون۔ قومي پارڪ اڪثر ڪري جانورن ء بوتن جی محفوظ نسلن کي وڌڻ جي اجازت ڏين ٿا. مارخور جي آبادي ڏهه ڀيرا وڌي وئي جڏهن کان علائقي کي 1922 ۾ قومي پارڪ قرار ڏنو ويو

قومي پارڪ ھڪ قدرتي پارڪ آھي جنھن کي تحفظ جي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي، جيڪو قومي حڪومتن پاران ٺاھيو ۽ محفوظ ڪيو ويندو آھي. گهڻو ڪري اهو قدرتي، نيم قدرتي يا ترقي يافته زمين جو محفوظ علایقو آهي جنهن کي حڪومت مخصوص ڪري ٿي. جيتوڻيڪ انفرادي ملڪ پنهنجن قومي پارڪن کي مختلف نموني سان ترتيب ڏين ٿا، پر نسلن جي لاء 'جهنگلي فطرت' جو تحفظ ۽ قومي فخر جي علامت طور، ھن مقصد لاء هڪ عام جذبو آهي. قومي پارڪ تقريبا هميشه سياحن لاء کليل رهندا آهن.

آمريڪا سال 1872ع ۾ ییلو اسٽون نيشنل پارڪ جی نالی سان پهريون ”عوامي پارڪ يا عوام جي فائدي ۽ لطف اندوزي لاءِ عوامي پارڪ“ قائم ڪيو. جيتوڻيڪ ییلو اسٽون پارڪ سرڪاري طور تي ان جي قائم ڪيل قانون ۾ ”قومي پارڪ“ قرار نه ڏنو ويو، پر ان کي عملي طور تي هميشه ائين سڏيو ويو آھي ۽ وڏي پيماني تي دنيا جو پهريون ۽ پراڻو قومي پارڪ آهي. بهرحال، ٽوباگو مين رج فاريسٽ ریزرو (جیڪا هاڻ ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو آهي ۽ سال 1776ع ۾ قائم ٿيو) ۽ بوگدخان اول جبل (منگوليا، سال 1778ع) جي ڀرپاسي وارو علائقو، جن کي ڀرپاسي جي زرعي زمين جي حفاظت لاءِ پوکيءَ کان روڪيو ويو هو، قديم ترين قانوني طور تي محفوظ علائقن جي طور تي ڏٺو ويندو آهي. پارڪ ڪينيڊا، جیڪا 19 مئي، 1911ع تي قائم ڪیو ويو، دنيا جو پهرين قومی پارڪ سروس جو ادارو بڻجي ویو.

هڪ بين الاقوامي تنظيم، انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر (IUCN) ۽ ان جي ورلڊ ڪميشن آن پروٽيڪيڊ ايرياز (WCPA)، "نيشنل پارڪ" کي ان جي درجي جي دویم (II) قسم جي محفوظ علائقن طور تي بيان ڪيو آهي. تنظیم، IUCN جي مطابق، سڄي دنيا ۾ 6,555 نيشنل پارڪ سال 2006ع ۾ ان جي معيار کي پورا ڪيو. تنظیم IUCN اڃا تائين هڪ قومي پارڪ جي وضاحت جي معيارن تي بحث ڪري رهيو آهي.

حوالا

  1. Europarc Federation (eds.) 2009, Living Parks, 100 Years of National Parks in Europe, Oekom Verlag, München
  2. Gissibl, B., S. Höhler and P. Kupper, 2012, Civilizing Nature, National Parks in Global Historical Perspective, Berghahn, Oxford
  3. "Evolution of the Conservation Movement, 1850-1920". American Memory - Library of Congress. وقت 23 January 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  4. Report of the Superintendent of Yellowstone National Park for the Year 1872 Error in webarchive template: Check |url= value. Empty., 43rd Congress, 3rd Session, ex. doc. 35, quoting Department of Interior letter of 10 May 1872, "The reservation so set apart is to be known as the "Yellowstone National Park"."
  5. "Yellowstone National Park". UNESCO. وقت 3 June 2023 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 July 2023. 
  6. "Tobago Main Ridge Forest Reserve". UNESCO. وقت 15 August 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 August 2018. 
  7. Hardy, U. "The 10 Oldest National Parks in the World". The CultureTrip. وقت 17 October 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 21 December 2017. 
  8. Bonnett, A. (2016). The Geography of Nostalgia: Global and Local Perspectives on Modernity and Loss. Routledge. p. 68. ISBN 978-1-315-88297-0. 
  9. Irish, Paul (May 13, 2011). "Parks Canada celebrates a century of discovery". Toronto Star. https://www.thestar.com/travel/northamerica/article/990243--parks-canada-celebrates-a-century-of-discovery. 
  10. "Category II: National Park". IUCN. وقت 18 November 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 July 2018. 
  11. "History of the National Parks". Association of National Park Authorities. وقت 21 April 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 November 2012.