لنگئا فرانڪا (Lingua Franca) رابطي جي ٻولي. اها ٻولي، جيڪا ڪنهن وسيع علائقي ۾ مختلف ٻولين ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ رابطي ۽ ابلاغ جو ڪم ڏئي سگهي. جيئن ننڍي کنڊ ۽ پاڪستان ۾ اردو، ڏکڻ آفريڪا جي ملڪن ۾ عربي وغيره لنگئا فرانڪا يا رابطي جون ٻوليون آهن.