لوئر آسٽريا

لوئر آسٽريا
Niederösterreich
رياست
لوئر آسٽريا
جھنڊو
لوئر آسٽريا}}
قومي نشان
Location of لوئر آسٽريا
ملڪ  آسٽريا
گادي جو هنڌ سانڪت پولٽن
حڪومت
 • گورنر جوھانا مڪل ليئٽنر (آسٽرين پيپلز پارٽي)
 • ڊپٽي گورنر
پکيڙ
 • ڪل 19,186 ڪ.م2 (7,408 ميل2)
آبادي (1 جنوري 2020)
 • ڪل 1,684,623


لوئر آسٽريا(انگريزي: Lower Austria) آسٽريا جي ھڪ رياست جو نالو آهي جيڪا ان جي اتر اوڀر پاسي ۾ واقع آهي. 1921ع ۾ ويانا شھر کي الڳ رياست جو درجو ملڻ باوجود 1986ع تائين لوئر آسٽريا رياست جو گاديءَ جو هنڌ ويانا شھر ۾ رھيو پر ان سال سانڪت پولٽن شھر کي ھن رياست جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. ھن رياست جي ڪل پکيڙ 19186 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ھتان جي آبادي 1685000 آھي. آبادي ۾ اھا ويانا رياست کان پوء آسٽريا جي ٻين وڏي رياست آهي. پکيڙ ۾ ھي رياست آسٽريا جي سڀ کان وڏي رياست آهي. رياست جي سانڪت پولٽن کان سواء ٻين وڏن شھرن جا نالا ايمسٽيٽن، وئينر نيوسٽئڊٽ آھن 2018 جي انگ اکرن مطابق ھن رياست جي جي ڊي پي 61 ارب يورو ھئي. ھي ملڪ چئن ڊويزن ۾ ورھايل آھي جن ۾ 20 ضلعا ۽ 4 الڳ شھر واقع آھن. رياست ۾ ڪل 573 ميونسپلٽيون واقع آھن.

حوالا

  1. "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13. 
  2. "About the State Parliament of Lower Austria – NÖ Landtag". noe-landtag.gv.at (ٻولي ۾ German). حاصل ڪيل 2020-01-14.