ٽام ڪروز | |
---|---|
(انگريزي ۾: Tom Cruise) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم جو نالو | (انگريزي ۾: Thomas Cruise Mapother IV) |
ڄم | 3 جُولاءِ 1962 (62 سال) |
رهائش | لاس اينجلس |
شھريت | آمريڪا |
قد | |
زال | نڪول ڪڊمين (24 ڊسمبر 1990–2001) |
ٻارن جو تعداد | |
عملي زندگي | |
پيشو | اداڪار ،جھاز پائليٽ |
مادري ٻولي | انگريزي ٻولي |
ڪم جي ٻولي | انگريزي ٻولي |
ڪل دولت | |
دستخط | |
ويب سائٽ | |
ويب سائٽ | باضابطہ ویب سائٹ |
IMDB تي صفحو | |
ترميم |
ٽام ڪروز (ٽام ٿامس ڪروز؛ 3 جولاءِ 1962) تي پيدا ٿيو، جيڪو هڪ آمريڪي اداڪار ۽ فلمون ٺاهيندڙ آهي. هي هڪ ناليوارو هالي ووڊ اداڪار آهي، سندس مشهور ۽ ناليوارين فلمن ٽاپ گن، نائيٽ اينڊ ڊي، مشن امپاسيبل سیریز جون چار فلمون شامل آهن. تازو راڪ آف ايجز ۾ ادا ڪيل سندس يگاني ڪردار کي تبصري نگارن ساراهيو آهي. اڄڪلهه ٽام ڪروز، جيڪ ريچر فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
ٽام ڪروز شروع ۾ ننڍا ڪردار ادا ڪيا. ٽام، هدايتڪار ٽوني اسڪاٽ مرحوم جي فلم ٽاپ گن مان نامياري ماڻي، ان فلم باڪس آفيس تي 176 ملين ڊالرز جو ڌنڌو ڪيو هيو. ان کان سواءِ کيس بارن آن دي فورٿ آف جولاءِ، ميگنوليا، دي لاسٽ سيمورائي. ڪوليٽرل آور آ فيو گڊ ۾ سٺي اداڪاري ڪرڻ تي پڻ ايوارڊز ملي چڪا آهن. هن فلمساز جي حيثيت ۾ مشن امپاسبل کان شروعات ڪئي. سندس ادا ڪيل ايڪشن سينن ڏاڍي مشهور ماڻي آهي. اڄڪلهه، هو جيڪ ريچر فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سندس ڪرادر جاچ آفيسر جو آهي. هن فلم جون هدايتون ڪرسٽوفر مڪ ڪيوري ڏئي رهيو آهي. ان کان سواءِ ٽاپ گن 2 ۽ مشن امپاسيبل 5 جي شروعات پڻ جلد ٿيڻ واري آهي.
ٽام ڪروز ٽي وهانءَ ڪيا، جيڪي ٽن طلاقن سان پڄاڻيءَ تي پهتا. سندس پهرين شادي اداڪارا مِمي روجرز سان، ٻي نڪول ڪڊمين ۽ ٽئين اداڪارا ڪيٽي هومز سان ٿي، جنهن جي پڄاڻي ڪيٽي هومز جي طرفان عدالت ۾ خلع جي درخواست ذريعي طلاق سان ٿي. ڪيٽي هومز مان کيس هڪ ڌي سوري ڪزوز آهي. جيڪا پنهنجي ماءُ سان گڏ رهي ٿي. ٽام ڪروز سائينٽولوجي مذهب کي مڃڻ وارن مان آهي. ٽام ڪروز جا ناليواري فٽ بالر ڊيوڊ بيڪم سان ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن۔
2012ع ۾ ٽام ڪزوز کي فوربس ميگزين جي پاران ست ڪروڙ پنجاهه لک ڊالر ساليانو ڪمائڻ واري هالي ووڊ اداڪارن جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. ٽام ڪروز کي ٽي ڀيرا گولڊن گلوب ايوارڊ ملي چڪو آهي.
وڪيميڊيا العام ۾ ٽام ڪروز سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |