پالي

مٿين تصوير سنسڪرت جي ديوناگري لکت ڏيکاري ٿي ۽ ھيٺين ۾ پالي ٻولي برمي اسڪرپٽ ۾ لکيل ڏيکاريل آهي

پالي انگريزي (Pali) آڳاٽي دور ۾ سنڌ ۾ رائج ٻولي هئي. سنڌ ۾ خاص طور راءِ گهراڻي يا راء جي سنڌ تي حڪومت کان پرهمڻ گهراڻي تائين توڙي وچئين دور (Medieval Period) تائين ٻڌمت يا ٻڌ ڌرم جي مقدس زبان رهي جنهن ۾ کوڙ لفظ اڄ به سنڌي ٻولي جا موجود آهن. هن ٻوليءَ جو آريائي ٻولين سان تعلق جڙيل آهي.پالي جي لِپِي ديوناگري لِپي يا برهمي لپي وانگر آهي. پالي سنڌ،پاڪستان، هندستان توڙي سريلنڪا جي ڪيترن ئي ٻڌ مندرن ۽ جبلن تي اڪريل ملي ٿي.

حوالا