ڪروموسوم یا لونجسمیو (انگريزي: Chromosome ) ڌاڳي نما بناوٽ جو نالو آهي جيڪو گھرڙي جي مرڪز ۾ موجود ھوندو آھي جنھن ۾ ڊي اين اي. سوڙھ سان سمايل ھوندو آھي. ڊي اين اي جي ٻاھران پروٽين ويڙھيل ھوندي آھي جنھن کي ھسٽون (Histones) چوندا آهن جيڪي کيس بناوٽ ۾ ڪم ايندا آهن. ڪروموسوم ڊي اين اي جي نقل ٺھڻ ۽ جيو گھرڙي جي ورھاست ۾ مددگار ھوندا آھن. ھر ڪروموسوم جو ھڪ سينٽروميئر ھوندو آھي جيڪو کيس ٻن حصن ۾ ورھائيندو آهي. ڪروموسوم خوردبيني تي نظر ايندڙ جيو گھرڙي جي مرڪز ۾ ڌاڳي نما ھڪ حصو ھوندو آھي جيڪو جينز جي صورت ۾ وراثتي ڄاڻ رکندو آهي. ٻوٽن ۽ جانورن ۾ موجود جيو گھرڙي ۾ ڊي اين اي ڪروموسوم جي اندر سوڙھائپ سان ماپيل ھوندو آھي پر بيڪٽيريا ۾ وري ان جي ابتڙ گھرڙي جي چوڌاري ترندو رھندو آھي. ھڪ ڊي اين اي جي پوري ڊيگھ پروٽين جي ويڙھن ۾ جڪڙيل ھوندي آھي جنھن کي ھسٽون چون ٿا جيڪي نيوڪلوسوم ٺاھن ٿا. اھي نيوڪلوسوم سوڙھائپ سان ويڙھجي ڪروميٽن ڇيڙا ٺاھين ٿا. ڪروميٽن ڇيڙا پاڻ ۾ ويڙھجي ھڪ ڪروموسوم ٺاھن ٿا. ھر ڪروموسوم کي ٻہ ننڍڙيون ۽ ٻہ ڊگھيون ٻاھون ٿين ٿيون جن مان ننڍڙين ٻانھن کي پي (p) ٻانھون ۽ ڊگھين ٻانھن کي ڪيو(q) ٻانھون سڏيو ويندو آهي. ۽ سينٽروميئر ڪروموسوم کي مرڪز تي جھلي بيھندو آهي.
لفظ ڪروموسوم ) يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن: ڪروما ۽ سوما مان نڪتل آهي. ڪروما جي معنيَ آهي رنگ ۽ سوما معنيَ جسم ان جو اھو نالو ھڪ جرمن سائنسدان فان والڊيئر ھارٽز ڪروميٽن لفظ جو حوالو ڏيندي رکيو. ڪروميٽن لفظ جيو گھرڙن جي ورھاست دريافت ڪندڙ سائنسدان والٽر فليمنگ جو متعارف ڪرايل ھيو. اھي لفظ ھاڻي معنيَ جي لحاظ کان رواج کان نڪري چڪا آهن ڪروميٽن (فليمنگ طرفان 1880 ۾ متعارف ڪرايل) ۽ ڪروموسوم ( والڊيئر پاران 1888 ۾ متعارف ڪرايل) معنيَ جي لحاظ کان رنگ کي ظاھر ڪن ٿا پر اھي نالا اھڙين شين کي ڏنا ويا جيڪي بي رنگ ھيون.
جرمن سائنسدان شلائيڊن، ورچو ۽ بچلي اھي پھريان سائنسدان آھن جن سڀ کان اول انھن بناوٽن کي سڃاتو جن کي ھاڻي اسان ڪروموسوم چئون ٿا. 1880( واري ڏهاڪي جي وچ ۾ ٿيوڊور بوويري لاڳاتار تجربن سان حتمي اظھار ڪندي دنيا کي ٻڌايو ته ڪروموسوم درحقيقت جينياتي وراثت جا ويڪٽر آھن. ان نظريي جا اھم اصول ڪروموسوم جو تسلسل ۽ انھن جي انفراديت ھئا. 1900 واري ڏهاڪي ۾ بوويري جينياتي وراثت جي قائدن ۽ ڪروموسوم جي ورتاء وچ ۾ ڳانڍاپا پڻ ظاھر ڪيا. پنھنجي مشھور ڪتاب دي سيل ان ڊولپمينٽ اينڊ ھيرڊٽي ۾ ولسن ٻن سائنسدانن بوويري ۽ والٽر سٽن جي الڳ الڳ ڪيل تحقيق کي پاڻ ۾ جوڙي ڪروموسوم جي جينياتي وراثت جي نظريي کي بوويري-سٽن نظريي جو نالو ڏنو. انساني جسمن ۾ ڪروموسوم جو تعداد سڀ کان اول ٿيوفيلس پينٽر 1923 ۾ ٻڌايو. ھن جملي 24 جوڙا ٻڌايا جن مطابق ڪروموسوم جو تعداد 48 ٻڌايو تعداد ۾ غلطي 1956 ۾ انڊونيشيائي سائنسدان جو ھن ٽجو درست ڪئي جنھن پھريون دفعو 23 جوڙن جو ٻڌايو ۽ ڪروموسوم جو تعداد ان مطابق 46 ٻڌايو جيڪو حتمي انگ ثابت ٿيو.
انسانن ۾ 46 ڪروموسوم 23 جوڙن جي ترتيب ۾ ھوندا آھن جن ۾ 22 جوڙا آٽوسوم (Autosome) پڻ شامل ھوندا آھن. آٽوسوم جي جوڙن کي سڃاڻپ لاءِ 1 کان 22 نمبرن تائين نالو ڏنل ھوندو آھي. انھن سڀني آٽوسوم مان ھر ھڪ جوڙي ۾ ھڪ ڪروموسوم ماء طرفان ۽ ھڪ پيءُ طرفان مليل ھوندو آھي. انھن 22 جوڙن کان علاوہ انساني جسم ۾ ڪروموسوم جو ھڪ جوڙو آلسوم (Allsome) ھوندو آھي جنھن جي ٻن ڪروموسوم جي سڃاڻپ انگن يا نمبرن بدران مخصوص اکرن ذريعي ڪئي ويندي آهي جن ۾ X ۽ Y شامل آهن. ان جوڙي ۾ ٻئي ڪروموسوم يا تہ XX يا وري XY ھوندا آھن. مادي جنس ۾ X ڪروموسوم جا ٻہ نقل ھوندا آھن جن مان ھڪ ماء طرفان ۽ ھڪ پيءُ طرفان مليل ھوندو آھي. نر جنس ۾ ان جوڙي جي ٻن نقلن مان X ڪروموسوم ماء جي طرفان ۽ Y ڪروموسوم پيءُ جي طرفان مليل ھوندو آھي. انساني جسم جي 46 ڪروموسوم جيڪڏهن پاڻ ۾ ڳنڍجن تہ ان جي ڊيگھ 200 نينو ميٽر ٿيندي.
ڪروموسوم | جينز | جملي نيڪليو بنياد جوڙا | بنيادن جي % | ترتيبي بنيادن جا جوڙا | ترتيبي بنيادن جي جوڙن جي % |
---|---|---|---|---|---|
1 | 2000 | 247,199,719 | 8.0 | 224,999,719 | 91.02% |
2 | 1300 | 242,751,149 | 7.9 | 237,712,649 | 97.92% |
3 | 1000 | 199,446,827 | 6.5 | 194,704,827 | 97.62% |
4 | 1000 | 191,263,063 | 6.2 | 187,297,063 | 97.93% |
5 | 900 | 180,837,866 | 5.9 | 177,702,766 | 98.27% |
6 | 1000 | 170,896,993 | 5.5 | 167,273,993 | 97.88% |
7 | 900 | 158,821,424 | 5.2 | 154,952,424 | 97.56% |
8 | 700 | 146,274,826 | 4.7 | 142,612,826 | 97.50% |
9 | 800 | 140,442,298 | 4.6 | 120,312,298 | 85.67% |
10 | 700 | 135,374,737 | 4.4 | 131,624,737 | 97.23% |
11 | 1300 | 134,452,384 | 4.4 | 131,130,853 | 97.53% |
12 | 1100 | 132,289,534 | 4.3 | 130,303,534 | 98.50% |
13 | 300 | 114,127,980 | 3.7 | 95,559,980 | 83.73% |
14 | 800 | 106,360,585 | 3.5 | 88,290,585 | 83.01% |
15 | 600 | 100,338,915 | 3.3 | 81,341,915 | 81.07% |
16 | 800 | 88,822,254 | 2.9 | 78,884,754 | 88.81% |
17 | 1200 | 78,654,742 | 2.6 | 77,800,220 | 98.91% |
18 | 200 | 76,117,153 | 2.5 | 74,656,155 | 98.08% |
19 | 1500 | 63,806,651 | 2.1 | 55,785,651 | 87.43% |
20 | 500 | 62,435,965 | 2.0 | 59,505,254 | 95.31% |
21 | 200 | 46,944,323 | 1.5 | 34,171,998 | 72.79% |
22 | 500 | 49,528,953 | 1.6 | 34,893,953 | 70.45% |
X (جنسي ڪروموسوم) | 800 | 154,913,754 | 5.0 | 151,058,754 | 97.51% |
Y (جنسي ڪروموسوم) | 200 | 57,741,652 | 1.9 | 25,121,652 | 43.51% |
ٽوٽل | 21,000 | 3,079,843,747 | 100.0 | 2,857,698,560 | 92.79% |
مختلف جاندارن ۾ ڪروموسوم جو تعداد مختلف ھوندو آھي.ھڪ جيو گھرڙي وارا جاندار يا پروڪاريوٽ،بيڪٽيريا ۽ آرڪيئا ۾ ھڪڙو گول بيڪٽيريائي ڪروموسوم ٿيندو آهي پر انھن ۾ ڪافي فرق پڻ ھوندو آھي بيڪٽيريائي ڪروموسوم کي جينوفور چوندا آهن. اينڊوسمبيوٽڪ بيڪٽيريا ڪينڊيڊيٽس ھوڊگڪنيا سيڪاڊيڪولا ۾ 130000 تائين بنيادي جوڙا ٿي سگھن ٿا. ۽ ڪينڊيڊيٽس ٽريمبلايا پرنسيپس ۾ 14000000 کان وڌيڪَ بنيادي جوڙا موجود آهن. پروڪاريوٽ ڪروموسوم يوڪيريئوٽا جي ڪروموسوم جي بناوٽ جي ڀيٽ ۾ بنيادن جي ترتيب گھٽ ھوندي آھي. پروڪاريوٽ ۾ مرڪز نہ ٿيندو آهي ۽ انھن جو ڊي اين اي مرڪز جي بدران نيوڪليوئائڊ ۾ ھوندو آھي يوڪيريئوٽا ۾ ڪروموسوم ڪروميٽن فائبر جو ٺھيل ھوندو آھي جيڪو وري نيوڪلوسوم جو ٺھيل ھوندو آھي. ڪروميٽن فائبر پروٽين ۾ سوڙھائپ ويڙھيل ھوندو آھي جنھن بناوٽ کي ڪروميٽن چوندا آھن جنھن ۾ ڊي اين اي جو وڏو تعداد شامل ھوندو آھي. ڪروميٽن تمام ڊگھن ڊي اين اي ماليڪيولن کي جيو گھرڙي جي مرڪز ۾ ماپائڻ ۾ مددگار ھوندي آھي. ڪروموسوم جي بناوٽ جيو گھرڙن جي حياتياتي ڦيري ۾ تبديل ٿيندي رھندي آھي.
|url-status=
ignored (مدد)سانچو:Self-published inline